اسلام آبادپاڪستان

خان صاحب ٿورو اسلامي ٽچ ڏيو:سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري عمران خان کي مشورو ڏنو ته خانصاحب ٿورو اسلامي ٽچ ڏيو. اربع تي اسلام آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کيس ڪن ۾ ڪجهه چئي رهيو آهي. عمران خان جي خطاب دوران قاسم سوري پارٽي چيئرمين کي ڪن ۾ چيو ته خانصاحب ٿورو اسلامي ٽچ ڏيو. قاسم سوري پنهنجي ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ پٺتي هٽي ويو، جنهن کانپوءِ عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان اوهان کي عاشق رسول چوان ٿو ۽ نبي صه جو پوئلڳ آهيان. ٻئي پاسي عمران خان جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي جناح اوينيو تي خطاب جي وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ان سان گڏ ئي ان پنهنجو بيان به جاري ڪيو. عمران خان وڊيو سان گڏ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ جيڪو مان ڏٺو، هي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ڪرائڻ چاهين ٿا پوليس ۽ فوج کي پنهنجي عوام سان ويڙهائڻ چاهين ٿا. پوليس به اسان جي آهي فوج به اسان جي آهي ۽ عوام به اسان جي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته نبي صلعم جي حڪم مطابق مان قوم کي گڏ ڪري رهيو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button