اسلام آباد : جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ شرپسندن جٿن جيڪو فساد برپا ڪيو آهي، ان جي سخت مذمت ڪيان ٿو. ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ايگزيڪيوٽو جي امن امان برقرار رکڻ جي پاليسي تي غير موثر ڪري ڇڏيو، جنهن سان عدالت پاران پي ٽي آئي کي سهولتڪاري ڏيڻ جو تاثر پيدا ٿيو. جڏهن ته هاڻي ان تي عدالت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هاڻي ان تاثر کي زائل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ موثر قدم کڻي ۽ پي ٽي آئي قيادت پاران سپريم ڪورٽ ۾ ڪيل واعدن کي پٺي ڏيڻ تي پي ٽي آئي جي قيادت جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪري ۽ سپريم ڪورٽ پنهنجي نگراني ۽ پنهنجي فرياد ۾ انهن شرپسندن جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي ته جيئن آئين ۽ قانون جون گهرجون پوريون ٿين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close