اسلام آباد :وفاقي حڪومت مهانگائي ماريل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپيا في لٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ في لٽر پيٽرول 179 رپيا 86 پئسا، هڪ لٽر ڊيزل 174 رپيا 15 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 148 رپيا 31 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڏکيو فيصلو هو ته اسان عوام تي بار وجهون ۽ وجهون ته ڪيترو وجهون. آئون اڳ کان چئي رهيو هيس ته عوام تي ڪجهه نه ڪجهه بار وجهڻ اڻٽر آهي، ڇو ته حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، هڪ پاسي حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي. جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته گذريل حڪومت جي پاليسين سبب اڄ مهانگائي آهي، جيڪڏهن گذريل حڪومت جي فارمولي تي عمل ڪيو وڃي ها ته پيٽرول جو اگهه 205 رپيا في لٽر هجي ها. هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ سبب قيمتن ۾ ٿورو اضافو ٿيو آهي پر پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان رپيو مستحڪم ٿيندو. آءِ ايم ايف به پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تائين رليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته عوام تي ڪنهن به قسم جو بار وجهڻ اسان لاءِ ڏکيو فيصلو هو پر اڳوڻي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، جنهن سبب عوام کي نقصان پهچايو ويو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته جيئن رپيو سستو ٿيندو پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، اسان سمجهون ٿا ته فيصلي سان اسان جي سياست کي نقصان ٿيندو پر اسان لاءِ ملڪ ۽ معاشي صورتحال وڌيڪ اهم آهي. اڄ اسان مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر وزيراعظم شهباز شريف قيمتن ۾ واڌ جو اهو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته رات 12هين وڳي کانپوءِ پيٽرول، ڊيزل، ڪيروسين آئل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 30 رپيا في لٽر واڌ ٿي وئي آهي. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ في لٽر پيٽرول 179 رپيا 86 پئسا، هڪ لٽر ڊيزل 174 رپيا 15 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 148 رپيا 31 پئسا ٿي ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close