ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي رٿ شروعاتي مرحلي ۾ ئي ناڪام ٿي وئي. بلوچستان اسيمبلي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي. بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ گهربل ميمبرن جو انگ 13 ٿيڻو هو پر ڄام ڪمال گروپ اسيمبلي ۾ 13 ميمبرن جو انگ پورو ناهي ڪري سگهيو. اسيمبلي ۾ 11 ميمبرن بي اعتمادي رٿ جي حمايت ڪئي. آئين تحت 20 سيڪڙو ميمبرن يعني 13 ميمبرن جي اجازت سان اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪري سگهجي ٿي. ميمبر پورا نه ٿيڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي، هاڻ ايندڙ ڇهن مهينن تائين بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف ڪنهن به قسم جي بي اعتمادي رٿ پيش نٿي ڪري سگهجي. صوبائي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڊپٽي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل ڪئي. بي اعتمادي جي رٿ ظهور بليدي پيش ڪئي هئي. اسيمبلي جو اجلاس پنج ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو هو. هاڻ بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close