اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم شهبازشريف ايندڙ هفتي ترڪي جو دورو ڪندو

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف ايندڙ هفتي ترڪي جو دورو ڪندو. سفارتي ذريعن مطابق وزيراعظم شهبازشريف 31 مئي ۽ پهرين جون تي ترڪي جو دورو ڪندو. وزيراعطم جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ اعليٰ سطح اسٽريٽجڪ ڳالهه ٻولهه جي ميٽنگ آهي. وزيراعظم ترڪي دوري ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري سميت مختلف عنوانن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ذريعن مطابق هاءِ ليول اسٽريٽجڪ ڪو آپريشن ڪائونسل جي ستين ميٽنگ ۾ دفاع، توانائي، واپار سميت مختلف عنوانن تي ڳالهيون ٿينديون وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح وفد به هوندو. وزيراعظم ترڪي جو دورو ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي دعوت تي ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button