لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي جيل مان آزاد ڪيو ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير محمود الرشيد کي پوليس لانگ مارچ مان هڪ ڏينهن پهريان گرفتار ڪيو هو جنهن بعد کيس ڪوٽ لکپت جيل ۾ رکيو ويو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي سمورن گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کانپوءِ ميان محمود الرشيد کي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزير سان گڏ پي ٽي آءِ جي 18 ڪارڪنن کي پڻ آزاد ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close