
لنڊن: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت صلاحڪار ذلفي بخاري چيو آهي ته اسان ۾ ايتري صلاحيت آهي جو پورو ملڪ بند ڪري سگهون ٿا. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي ذلفي بخاري جو چوڻ هو ته قومي ۽ عالمي حيثيت وارو ليڊر سمجهوتو ته ڪري سگهي ٿو پر پنهنجن مقصدن کان پوئتي نٿو هٽي سگهي، عمران خان محسوس ڪيو ته پاڪستاني پاڪستانين سان، فوج ۽ پوليس سان وڙهي پوندا، عمران خان ڏٺو ته ڀاءَ ڀاءَ کي ماريندو، رتوڇاڻ ٿيندي، فائدو شريفن ۽ زردارين کي ٿيندو، نظر ايندڙ نقصان کي ڏسندي عمران خان 6 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي.