چيلھار: چيلھار جي آمريو پاڙي جي نوجوان 30 سالن جي نارائڻ پٽ ڀمرو ميگھواڙ جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو. چيلھار پوليس سرزمين تي پھچي لاش کي وڻ کان لھرائي پوسٽ مارٽم لا مٺي روانو ڪيو. نوجوان جي مائٽن جو چوڻ ھو ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه ھو، ان ڪري ھن انتھائي قدم کنيو آھي. ٻئي پاسي چوٻول ھلندڙ آھن ته نوجوان گھروارن کان ناراض ٿي اھڙو قدم کنيو آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته پوسٽ مارٽم بعد ئي واقعي جو ڪارڻ ٻڌائي سگھجي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close