ميرواہه گورچاڻي: ميرواھه گورچاڻي ۾ ٽائون ڪميٽي ميرواهه گورچاڻي جي 8 وارڊن تي آزاد علي نواز شاهه جو گروپ سرگرم ٿي ويو آهي. وارڊ نمبر 5 جي آزاد اميدوار هريش ڪمار ڊي ڪي ميگھواڙ علي نواز شاهه گروپ جي ميمبر چوڌري عارف جٽ جي حق هٿ کڻي ويو. علي نواز شاهه گروپ جي اهم اڳواڻ ڪاروباري شخصيت چوڌري محمد اشرف آرائين جي رهائشگاهه تي آزاد اميدوار هريش ڪمار ڊي ميگھواڙ پنهنجي برداري جي اهم ماڻهن بصر ميگھواڙ، ڪرشن ميگھواڙ ۽ رتن ميگھواڙ سان گڏ ملاقات ڪري وارڊ نمبر 5 تي آزاد علي نواز شاهه گروپ جي ميمبر چوڌري عارف جٽ جي حق هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. چوڌري اشرف آرائين، ٽائون جي اڳوڻي وائيس چئرمين حاجي علي احمد گورچاڻي ۽ کيمچند ڀيل سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته علي نواز شاهه هميشه غريب ماڻهن جي مدد ڪئي آهي، 8 ئي وارڊن تي علي نواز شاهه گروپ جا ميمبر سرخرو ٿيندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close