ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ 8 ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي. الزام هيٺ آيل نوجوان تي مبينا تشدد ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ غلام رسول آرائين جي رهواسڻ 8 ڪلاس جي شاگردياڻي پنهنجي ما ۽ والد سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيندي چيو ته پيارولنڊ جي رهواسي اوباش نوجوان رات جو دير سان اسان جي گهر ۾ داخل ٿي مون سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي، منهنجي رڙين تي منهنجي گهروارن کيس پڪڙي ورتو، جنهن بعد مون خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، پر وارثن اسپتال پهچائي منهنجي زندگي بچائي ورتي. جوابدار کي اسان جي نوجوانن تشدد جو نشانو نه بڻايو، جوابدار جي وارثن زيادتي جو ڪيس دٻائڻ لا اسان جي نوجوانن خلاف ڪوڙو ڊرامو ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن. هن چيو ته آئون اسڪول ويندي هيس ته جوابدار مون کي تنگ ڪري منهن تي تيزاب هارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو، هن منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، جوابدار گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي لنڊ برادري جي ماڻهن الزام هيٺ آيل نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد-ميرپورخاص بائي پاس روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بند ڪري مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيارولنڊ پوليس اسان جي نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، ايس ايڇ او پيارو لنڊ جوابدارن جو ونگاري بڻيل آهي ۽ اسان کي صرف آسرا ڏئي رهيو آهي. هوڏانهن ڊي ايس پي سٽي عبدالقادر ميمڻ مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close