اسلام آباد :اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري خلاف ڪرنل جي درخواست تي رمنا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عدالت ايمان مزاري جي 9 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه ايڊووڪيٽ جنرل جي ايڇ ڪيو جي ڪرنل همايون افتخار جي درخواست تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آئي آر مطابق ايمان مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ آرمي قيادت جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا آهن. ايمان مزاري جي لفظن پاڪ فوج جي قيادت جي وقار کي مجروح ڪيو. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ڪئي. ان دوران عدالت هڪ هزار رپين جي مچلڪن تي ايمان مزاري جي 9 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ان حوالي سان لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. عدالت رياست ۽ ڪيس جي فريادي کي 9 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ جواب طلب ڪري ورتو آهي. لکت ۾ حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پٽيشنر موجب بدنيتي تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته پٽيشنر جي وڪيل موجب ڪيس ۾ گرفتاري جو خدشو آهي، ان لاءِ هڪ هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي پئي وڃي. حڪم نامي ۾ اهو به چيو ويو ته پٽيشنر عدالتي پاليسي موجب ڪيش شوئرٽي ضمانت جمع ڪرائڻ ۾ آزاد آهي. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ ايمان مزاري کي هر تاريخ شنوائي تي عدالت جي روبرو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close