اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيليٽي اسٽورز تي اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 180 رپيا مهانگو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت تيل اگهن جي قيمتن ۾ 30 رپين جي واڌ کانپوءِ يوٽيليٽي اسٽورز تي اٽو به مهانگو ڪري ڇڏيو. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڀني زونل مينيجرز کي 26 مئي تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ نين قيمتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 180 رپيا مهانگو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 980 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 ڪلو واري ٿيلهي جي قيمت 90 رپيا واڌ سان 490 رپيا ٿي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڪائونٽس آفيسرن کي اٽو جي تبديل ٿيل قيمت ۽ ذخيري جي لسٽ تيار ڪرڻ لاءِ ذاتي طور تي اسٽورز ۽ ويئر هائوسز جو دورو ڪرڻو پوندو ۽ پاڻ رپورٽ تيار ڪري ڪڻڪ ۽ فلور سيڪشن جي هيڊ آفيس موڪلڻي پوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن به مرحلي ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button