پشاور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ سان ڪا ڊيل نه ٿي آهي، مون لانگ مارچ رڳو رتوڇاڻ جي ڊپ سبب ختم ڪيو، اسان تي امپورٽڊ حڪومت مڙهي وئي آهي. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اسان کي پرامن احتجاج ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي، رات جي اونداهي ۾ ماڻهن جي گهرن تي حملا ڪيا ويا. هن چيو ته جيڪڏهن مونکي پنهنجي قوم جي ڳڻتي نه هجي ها ۽ مان ڌرڻو هڻي ويهي رهان ها ته رتوڇاڻ ٿئي ها. نفرتون وڌن ها، پر پوليس به اسان جي آهي انڪري اسان پنهنجي ملڪ جي ڀلائي لاءِ فيصلو ڪيو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪير ائين نه سمجهي ته منهنجي اسٽيبلشنٽ سان ڪا ڊيل ٿي آهي، ان کي ڪير به اسان جي ڪمزوري نه سمجهي، حڪومت کي 6 ڏينهن ڏئي رهيو آهيان جيڪڏهن چونڊن جو اعلان نه ٿيو ته ڀرپور تياري سان وينداسين ڇو جو هن دفعي اسان جي تياري نه هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close