ميھڙ: ميهڙ جي عدالت ايس ايس پي اعجاز شيخ سميت 11 اهلڪارن تي نوجوان مجاهد سولنگي جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب، ميھڙ 16 آڪٽوبر 2021ع تي ميھڙ سنڌي ٻٽڙا روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل وارھه واسي نوجوان مجاھد سولنگي جي ڪيس ۾ ميهڙ جي فرسٽ سول جج محمد اسلم ڪلھوڙو جي عدالت پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي اڳوڻي ايس ايس پي دادو اعجاز شيخ، اڳوڻي ايس ايڇ او قابل ڀيو، ون فائيو جي انچارج الاھي بخش زرداري، اي ايس آ پريل سميجو، سوڍل سولنگي، پي سي سجاد، پي سي امير علي، يار محمد، عبدالغفور سميت 11 اھلڪارن تي قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ميهڙ عدالت ۾ جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوان مجاهد سولنگي جي ماءَ روشنا زال روشن سولنگي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پوليس مجاهد سولنگي کي ڪراچي ڀرسان حب واري علائقي مان گرفتار ڪري ميهڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا روڊ تي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آھي، منهنجو پٽ بيگناهه هو، ان تي ڪوبه ڪيس داخل نه هو، پر پو به پوليس عملدارن منهنجي پٽ کي بيدردي سان قتل ڪري مقابلو ڄاڻايو هو. ياد رهي ته پوليس سنڌي ٻٽڙا روڊ تي پوليس مقابلي ۾ نوجوان کي ڏوهاري ڄاڻائي قتل ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close