حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي پاران پيٽروليم اگهن ۾ واڌ کي رد ڪيو ويو، سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته ملڪ ۾ مهنگائي جو طوفان آهي، غريب جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي، غريب ٻن ويلن جي ماني نٿو کائي سگهي، غريب جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، پيٽروليم اگهن ۾ ڪيل واڌ کي رد ڪيون ٿا، سنڌ هاري ڪاميٽي مطالبو ٿي ڪري ته عام واهپي جي شين تي سبسڊي ڏئي غريب پورهيتن کي رليف ڏنو وڃي، غريب پيڙهجي رهيو آهي ملڪ ۾ ڪجهه خاندان پنهنجي انا ۽ مفادن جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ملڪ جي غريب پورهيتن سان ظلم بند ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close