ميھڙ: ميهڙ جي ڳوٺ سانول ڪرٽيو جو رهواسي پورهيت مختيار ڪرٽيو ڳوٺ 20 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ميهڙ جي گاهي مهيسر روڊ تي واقع يوٽلٽي اسٽور تان رعايتي پيڪيج وارو گيهه وٺڻ لا پاڪ ڪتاب کڻي پهچي ويو، پر يوٽلٽي اسٽور انچارج رعايتي پيڪيج تي گيهه نه ڏنو، جنهن خلاف پورهيت دانهيندي ٻڌايو ته چئن ڏينهن کان يوٽلٽي اسٽورن جا چڪر ڪاٽي رهيو آھيان، پر پئسا ڏيڻ باوجود گيهه نه ٿو ڏنو وڃي، گيھه دڪانن تي مهانگو آھي، خريد ڪرڻ جي سگهه ناهي. جڏهن ته پورهيت کي لڙڪ لاڙڻ تي هڪ ڪلو گيهه جي ٿيلهي ڏني وئي. رابطو ڪرڻ تي يوٽلٽي اسٽور جي انچارج ٻڌايو ته شناختي ڪارڊ جي ذريعي گيھه ۽ ٻيو سامان ڏئي سگھون ٿا، پر بنا شناختي ڪارڊ جي سامان نٿا ڏئي سگھون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close