ننگرپارڪر: ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب سنڌ جي سونهن جي علامت بڻيل ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف ننگرپارڪر واسي ھڪ دفعو ٻيهر روڊن تي نڪري آيا. ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران ٻانهن ٻيلي آفيس کان مسڪين جھان خان کوسو چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران مظاهرين نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي الھرکیيو کوسو، مصطفى دل، ڪامريڊ مگھنو ڪولھي، نيتراج ۽ ٻين چيو ته ڪارونجھر سنڌ جي تھذيب ۽ سياحت جو مرڪز ھئڻ سان گڏ مقامي ماڻهن جي جيئڻ جو واحد ذريعو آھي، اسان ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف مسلسل چار سالن کان تحريڪ ھلائيندا پيا اچون، ھڪ دفعو ٻيهر غير قانوني طور ڪارونجھر کي ڪٽڻ وارا گروهھ سرگرم ٿي ويا آھن. ايف ڊبليو او وارا ڪارونجھر جو پٿر ٻاهر موڪلي رھيا آھن، ان سان گڏ ننگرپارڪر ۾ ٺھندڙ مختلف ڊئمن تي ڪارونجھر جو پٿر ڪٽائي ڪري استعمال ڪيو پيو وڃي. فورم اڳواڻن چيو ته اسٽيمينٽ ۾ ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري جا پٿر استعمال ڪرڻا آھن، ان باوجود ٺيڪيدار مقامي پٿر استعمال ڪري ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن. معدنيات کاتي، سنڌ سمال ڊئم کاتي ۽ ايس آر پي ڊئمن جي پابندي باوجود سڀني ڊئمن تي پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي، اسان جي ڪارونجھر جي سروي ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ واري داخل درخواست اڳ ئي سنڌ ھائي ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ھلندڙ آھي، ان سان گڏوگڏ ننگرپارڪر جي سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ پاران سي آر پي سي 133 تحت فيصلو به آيل آھن، ان باوجود ڀٿر جو ٽڪجڻ بند نٿو ٿئي، اڳواڻن جڊيشل مئجسٽريٽ کي اپيل ڪئي ته ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ ڪندڙن خلاف ايڪشن وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي، اڳواڻن ھائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڪارونجھر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏئي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرايو وڃي. ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close