اسلام آباد : حڪومتي اتحاد نيب چيئرمين لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ٻين اتحادي پارٽين وچ ۾ نئين نيب چيئرمين جي نالي تي مشاورت ٿي، جنهن ۾ نئين نيب چيئرمين لاءِ جسٽس (ر) مقبول باقر جو نالو حڪومتي فهرست ۾ سڀ کان پهريان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سموريون حڪومتي پارٽين جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي متفق آهن. جڏهن ته مقبول باقر جو نالو آصف زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ به غور هيٺ آيو. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ شهباز شريف نيب چيئرمين جي لاءِ مقبول باقر جي نالي تي متفق آهن، جنهن ڪري هو هن عهدي لاءِ مضبوط اميدوار آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي به مقبول باقر جي نالي تي ڪو اعتراض نه هوندو. ان لاءِ ڪا رڪاوٽ نه آئي ته جسٽس (ر) مقبول باقر نئون نيب چيئرمين هوندو. جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ ۾ پروموٽ ٿيو هو ۽ هن جي جج جي طور ڪردار تي به ڪو اعتراض نه هيو. واضح رهي ته هاڻي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي عهدي جو مدي 2 جون تي ختم ٿي ويندو، انهي ڪري نئين نيب چيئرمين جي مقرري ان کان اڳ ئي ٿيڻ جو امڪان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close