لاهور: پنجاب پوليس جي انسپيڪٽر جنرل پهريون ڀيرو عورت پوليس آفيسر کي لاهور آپريشن ونگ ۾ سينيئر سپرنٽينڊنٽ (ايس ايس پي) مقرر ڪري ڇڏيو. آءِ جي ٻين 6 آفيسرن جون بدليون به ڪيون آهن. رپورٽ موجب ڊاڪٽر انوش مسعود چوڌري کي مستنصر فيروز جي جاءِ تي لاهور آپريشن پوليس جو سربراهه بڻايو ويو آهي. مستنصر فيروز کي سينٽرل پوليس آف (سي پي او) ۾ رپورٽ ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ڊاڪٽر انوش پهرين عورت آفيسر آهي، جنهن کي ايس ايس پي لاهور آپريشنز مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ هو لاهور ڪنٽونمينٽ ۽ ماڊل ٽائون ڊويزن ۾ ايس پي طور فرض انجام ڏيڻ سان اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ ( اي ايس پي) جي طور تي به خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close