پاڪستانخيبرپختونخوا

تحريڪ انصاف طرفان وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف قتل ڪيس ڪرائڻ جو اعلان

پشاور : خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گھر وزير راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالام ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪي پي جي وڏي وزير اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ ڪارڪنن جي قتل جي ايف آءِ آر وزيراعظم شهباز شريف ۽ گھرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف داخل ڪرائي ويندي. وڏي وزير محمود خان جو چوڻ هو ته گھرو وزير منهنجي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، حڪومت جيترو به تشدد ڪري اسان پوئتي نه هٽنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ليڊر عمران خان ٻيهر سڏ ڏيندو ته عوام وڏي انگ ۾ نڪرندو. محمود خان جو چوڻ هو ته ڪالا ۾ اربين رپين جي ماليت جي مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. جڏهن ته ڪالام گبرال، هائيڊرو پاور پراجيڪٽ علائقي جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button