مقصودو رند :مڪاني چونڊ ويجھو ايندي ئي يوسي لنڊو ۾ اميدوارن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي. يوسي لنڊو تي چيئرمين لا پ پ اميدوار سائين بخش زرداري ضلعي ڪائونسلر لاءِ نامزد پ پ اميدوار علي حسن رند جي رھائشگاهھ تي پھتو، جتي شيعه علما ڪائونسل پاران چيئرمين لاءِ نامزد اميدوار مولوي صدرو خان رند پ پ اميدوار سائين بخش زرداري جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي مولوي صدرو خان رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي سان مشاورت بعد عوام جي بھتر مفاد لاءِ اھڙو فيصلو ڪيو آهي. سائين بخش زرداري چيو ته شيعه علما ڪائونسل جي نامزد اميدوار مولوي صدرو خان ۽ شيعه علما ڪائونسل جي اعلنا توڙي مقامي قيادت جو ٿورائتو آهيان، جن عزت ڏني. پ پ مخالف ڪيترا به اتحاد جوڙين، پر عوام پ پ مخالفن کي رد ڪري ڇڏيندو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ گلڻ خان رند، امير علي زرداري، ذاڪر حسين رند، نامزد ڪائونسلر محبوب علي رند، چاڪر خان رند ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close