پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ اسڪول بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

ڪلوئي: ڪلوئي تعلقي جي يوسي گرڙاٻهه جي ڳوٺ ڏنڀرلي ساھڙ جو پرائمري اسڪول ٽن سالن کان بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن بند اسڪول اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ ڳوٺاڻن اسدالله، الھرکيو، جبار ساھڙ ۽ ٻين چيو ته ٽن سالن کان اسڪول بند آهن، اسڪول ۾ سئو کان وڌيڪ شاگردن جي داخلا آھي، پر اسڪول بند هجڻ سبب شاگردن جي تعليم تباهه ٿي وئي آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن کي شڪايتون ڪيون، پر استادن جي کوٽ ختم نٿي ڪئي وڃي. تازو پي ايس ٽي استادن جي ڀرتي ٿي آھي، لسٽ ۾ اسان جي اسڪول جو به نالو هو، پر ٽي اي او ڪلوئي رشوت وٺي استاد ٻئي اسڪول ۾ مقرر ڪيا. هنن ڊي سي ٿر ۽ ڊي اي او ٿرپارڪر کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي استاد مقرر ڪري اسڪول کوليو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button