اسلام آباد :وفاقي وزير خورشيد شاهه وزيراعظم شهبازشريف کي خط لکي چيو آهي ته ڪابينا ۾ بحث هيٺ معاملا سرڪيوليشن سمرين جي ذريعي منظور ڪيا پيا وڃن، ان عمل سان سٺو تاثر نه پيو جڙي. خانگي ٽي وي مطابق خورشيد جي وزيراعظم کي لکيل خط جي متن ۾ لکيل آهي ته پي ٽي آئي حڪومت به ڪابينا اجلاس ۾ مسئلن تي بحث کان پاسو ڪندي هئي. هن خط ۾ چيو ته پي ٽي آئي حڪومت به وزارتن جون سمريون سرڪيوليشن سان منظور ڪرائيندي هئي. خط ۾ چيو ويو ته ايندڙ کاتن جون سمريون ڪابينا جي ايجندا ۾ شامل ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close