پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نياڻي جي بازيابي لا بيوه جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ محمود آباد ٿاڻي جي حد انڙ چوڪ جي رهواسڻ بيوه روزينه ڀٽي پنھنجي پٽ سڪندر ڀٽي سان گڏ مبينا اغوا ٿيل نياڻي جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب ٻاھران احتجاج ڪيو. هن چيو ته نياڻي ڪلثوم ڀٽي جي شادي نياز محمد خاصخيلي سان ٿيل آھي، جيڪو ڪجهه ڏينھن اڳ نياڻي کي مون وٽ ڇڏي ويو، ھڪ ھفتو اڳ آئون نياڻي سان گڏ بازار وڃي رھي ھيس تھ رستي ۾ ڪار اندر سوار نياڻي جو ڏير نواز خاصخيلي، عاشق علي ۽ 2 نامعلوم ماڻھو زوري نياڻي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، محمود آباد پوليس شڪايت ڪرڻ باوجود نياڻي کي بازياب ناهي ڪرايو، هاڻ نياڻي جو مڙس ڌمڪيون پيو ڏي تھ ڪلثوم فرار ٿي وئي آھي، ان ڪري کيس ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو ويندو. عورت واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button