ٽنڊوآدم: جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، ھندستان سنڌ جي پاڻي تي ڊئم ٺاهي ڇڏيا آهن، پاڻي جي کوٽ سنڌ برداشت پئي ڪري، جنھن سبب سنڌ جي پڇڙي جون ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، سنڌ جو آبادگار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي. ٽنڊوآدم پريس ڪلب ۾ سنڌ جي نائب امير حافظ طاھر مجيد، ضلعي امير رفيق منصوري، مشتاق عادل، عبدالغفور انصاري ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پ پ سرڪار ڌانڌلي ذريعي چونڊ ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو آھي. سنڌ ۾ آر اوز ۽ اي آر اوز پنھنجا ملازم لڳايا ويا آهن. تڪبنديون ۽ ووٽر لسٽون پنھنجي من پسند اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. پولنگ اسٽيشنز ڏورانهن علائقن ڏانهن منتقل ڪري اپوزيشن جي اميدوارن لاءِ مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن. ھن چيو ته سموري سانگهڙ ضلعي ۾ اپوزيشن جي اميدوارن جا فارم غير قانوني طور رد ڪري پنھنجن اميدوارن کي بنامقابلي آندو پيو وڃي. ٽنڊوآدم ميونسپل ۾ 80 جي ڏھاڪي ۾ 24 وارڊ ھئا، جيڪي 2022ع ۾ 100 کان وڌيڪ ھجن ھا، پر وارڊ گهٽائي 23 وارڊ ڪيا ويا آهن. ھن چيو اپوزيشن جي ووٽرن کي ڌمڪايو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close