اسلام آبادپاڪستان

مشرف کان اڄ تائين سمورن وزيراعظمن کي نوٽيس ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کي اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف کان وٺي اڄ تائين سمورن وزيراعظمن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 15 صفحن جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ آئيني ڀڃڪڙين تي اٽارني جنرل کي دليلن لاءِ آخري موقعو ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن کي عدالت پيش ڪريو يا رياست جي ناڪامي جو جواز ڏيو. عدالت وفاقي حڪومت کي پرويز مشرف کان وٺي اڄ تائين سمورن وزيراعظمن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ڇو نه عدالت سمورن چيف ايگزيڪٽوز تي آئين سان مبينا مخالفت تي ڪارروائي ڪري؟ پرويز مشرف پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته جبري گمشدگيون رياست جي اڻ اعلانيل پاليسي هئي ۽ هر چيف ايگزيڪٽو ان تاثر کي ختم ڪري ۽ وضاحت ڪري ته ڇو نه انهن خلاف سنگين غداري جي ڏوهه تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مدثر نارو سميت 6 گم ٿيل ماڻهن کي 17 جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سامهون پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته 6 گم ٿيل ماڻهن کي عدالت سامهون پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ اثرائتي جاچ ۾ ناڪامي جي وضاحت ڪريو. عدالت حڪم ڏنو ته گهرو سيڪريٽري عدالتي حڪم جي ڪاپي وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن سامهون رکي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وضاحت ڪريو ته جبري گمشدگين جي اڻ اعلانيل پاليسي سان قومي سلامتي کي خطري ۾ ڇو وڌو ويو؟ عدالت حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت عدالتي معاون آمنا مسعود جنجوعه جي تجويزن کي غور هيٺ آڻي ايندڙ شنوائي تي رپورٽ پيش ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ موجوده ۽ اڳوڻا گهرو وزير عدالت ۾ پيش ٿين ۽ ٻڌائين ته پٽيشنز تي فيصلو ڏئي غير ذميواري تي مٿن ڳرا ڏنڊ ڇو نه لاڳو ڪيا وڃن؟ فيصلي موجب اٽارني جنرل عدالت کي مطمئن ڪري ته مستقبل ۾ جبري گمشدگي نه ٿيندي. مستقبل ۾ مبينا جبري گمشدگي جي صورت ۾ وفاق ۽ صوبي جي چيف ايگزيڪٽو خلاف ڇو نه فوجداري ڪيس داخل ڪرايا وڃن. وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي فيملي ميمبرن کي پنهنجي ڏکيائين کان عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته يقيني بڻايو وڃي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪا اڻ اعلانيل سينسرشپ ناهي، گم ٿيل ماڻهن جي گهراڻن جي ڏکيائين کي اجاڳر ڪرڻ ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. ائين لڳي ٿو ته ميڊيا رياستي طاقت جي غلط استعمال ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين کي نطرانداز ڪري ٿو يا ترجيح نٿو ڏئي.عدالت گهرو سيڪريٽري کي عدالتي حڪمن تي عمل درآمد لاءِ ڪاپي موڪلڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button