اسلام آبادپاڪستانسنڌ

شاهه محمود قريشي جو نيب ترميمون عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي نيب ترميمن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نيب جي قانونن ۽ چونڊ سڌارن ۾ تبديلي هڪ خاص طبقي کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪئي ويئي آهي. نيب ترميمن جو مقصد پ پ ۽ (ن) ليگ جي قيادت کي بچائڻ آهي. سيڪشن 14 جو فائدو نوازشريف کي ٿيندو، سپريم ڪورٽ کي معاملي تي پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پي ڊي ايم مختلف گروپ تي ٻڌل آهي، ان جو نصب العين به مختلف آهي. هن چيو ته انهن گڏجي ملڪ جي اينٽي ڪرپشن مهم کي نيب ترميمن ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي، اصل ۾ انهن پنهنجو پاڻ کي اين آر او ٽو ڏنو آهي. جڏهن اسان ايف اي ٽي ايف جي قانونسازي ڪري رهيا هئاسين ان وقت (ن) ليگ ۽ پ پ جا نمائندا به اتي موجود هئا، انهن قانونسازي بدران هڪ مسودو اسان کي هٿ ۾ ڏنو جنهن ۾ نيب قانونن ۾ ترميمن جي تجويز ڏني وئي هئي. ان وقت انهن پاران 34، 35 ترميمون پيش ڪيون ويون هيون ۽ شرط لڳايا ويا هئا اهي ان تي اڳڀرا.ئي کان پوءِ ايف اي ٽي ايف جي قانونسازي ۾ تعاون به ڪندا ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته هي جيڪي قانونن ۾ ترميمون انهن اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ڪرايون آهن، ان ۾ 24 کان وڌيڪ ترميمون اهي ئي آهن جيڪي اسان کي ڏنيون ويون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button