ڪوئيٽا: بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن ۾ آزاد اميدوارن ميدان ماري ورتو آهي، جڏهن ته 1584 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. رپورٽ مطابق پولنگ جو عمل صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين جاري رهيو. غير سرڪاري نتيجن مطابق 1058 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. جڏهن ته ٻئي نمبر تي جي يو آ جا 98 اميدوار ڪامياب ٿيا، بلوچستان عوامي پارٽي جا 71، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جا 39، بلوچستان نيشنل پارٽي جا 37، نيشنل پارٽي ۽ پيپلزپارٽي جا 26، 26، تحريڪ انصاف جا 7 ۽ پاڪ سرزمين جا 5 اميدوار ڪامياب ٿيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close