پاڪستانخيبرپختونخوا

هن ڀيري راڻا ثناءُالله، شريف مافيا ۽ پوليس وارا نه بچندا: عمران خان

چارسده: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وزيراعظم شهباز شريف، پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته انهن ٽنهي کي ڪٽهري ۾ بيهاري جيلن ۾ وجهنداسين ۽ اسان کي اسان جو حق نه ڏنو ويو ته ڦري وٺنداسين، هن ڀيري راڻا ثناءُالله، شريف مافيا ۽ تشدد ڪندڙ پوليس وارا نه بچندا. چارسده ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪين جي امپورٽڊ حڪومت اسان تي مڙهي وئي آهي ۽ اسان ڪنهن صورت هنن چورن ۽ غلامن کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين جيئرو آهيان جدوجهد ختم نه ڪندس، هاڻي اسان هڪ هڪ شئي جي تياري ڪنداسين. سندس چون هو ته سپريم ڪورٽ چئي ڇڏيو هو ته اسان جمهوري پرامن احتجاج ڪريون، شهباز شريف، حمزا ۽ راڻا ثنا ٻڌي وٺو، اسان عدالتن ۾ وينداسين ۽ توهان تي ڪيس ڪنداسين، مرد پوليس وارن گهرن ۾ وڃي عورتن کي پڪڙيو. هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي چونداسين ته پرامن احتجاج جو حق ڏنو وڃي، اسان کي حق نه ڏنو ويو ته حق کسينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button