پاڪستانسنڌ

بدين ۾ پرڻو ڪندڙ ڪڙيوگهنور جي جوڙي جو تحفظ لا نندو ۾ احتجاج

نندوشهر: ڪڙيوگنھور جي رھواسي جوڙي بدين جي سول جج جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، جوڙو پسند پرڻو ڪرڻ بعد دربدريءَ واري زندگي گُذارڻ مجبور آهي، ڇوڪري حاجاڻي ملاح نندوشھر پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته مون دائو ملاح سان پسند جي شادي ڪئي آهي، جنهن بعد منهنجا مائٽ اسان جي جان جا ويري ٿي پيا آهن، اسان کي ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ڏئي سُک سان زندگي گُذارڻ ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button