پاڪستانسنڌ

اسان جي اميدوار کي اغوا ڪري هٿ کڻايو ويو:ڪيو اي ٽي ميرپورخاص

ڊگھڙي: قومي عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي صدر شوڪت نوحاڻي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، ارباب نوحاڻي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو آهي ته پ پ اميدوارن قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان يوسي عبدالله ڀرڳڙي تان وائيس چيئرمين لا چونڊ وڙهندڙ اميدوار قربان شر کي اغوا ڪيو ويو ۽ ڌمڪيون ڏئي کيس هٿ کڻايو ويو آهي، جنهن جو اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ هائي ڪورٽ نوٽيس وٺي. ڊگهڙي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هنن وڌيڪ چيو ته پ پ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي. ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي يوسي عبدالله ڀرڳڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ پ پ مخالف مضبوط پينل ميدان تي لاٿو، پ پ اميدوارن پنهنجي شڪست ڏسندي قانون هٿ ۾ کڻندي اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي يوسي وائيس چيئرمين قربان شر کي اغوا ڪيو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ وٽ قيد ۾ رکڻ بعد کيس موتمار ڌمڪيون ڏئي زبردستي هٿ کڻايو، اڃا به ڪائونسلرن کي هٿ کڻڻ لا هراسان ڪيو وڃي پيو. هنن اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ هائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته پولنگن تي رينجرز مقرر ڪري شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button