پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ ۾ پوليس جو ڇاپو، ٻارن سميت 13 مزدور بازياب

نبي سرروڊ: نبي سرروڊ پوليس عدالتي حڪم تي مبينا نجي جيل تي ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 13 مزدورن کي بازياب ڪرائي ورتو. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي نبي سر پوليس نورالدين پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي 13 مزدورن کي بازياب ڪرايو، جن ۾ جاويد اوڏ، ڍولڻ اوڏ، جمعون اوڏ، ڪويتا، لاڌا، وشال اوڏ ۽ ٻيا شامل آهن. سيشن ڪورٽ راڻي اوڏ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت سمورن مزدورن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. هوڏانهن پوليس موجب ته مزدور نجي جيل ۾ قيد نه هئا ۽ آزاد گهمي رهيا هئا، جن کي ٿاڻي تي وٺي آيا آهيون ۽ اڄ کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي بٺي مالڪ ٻڌايو ته ڄاڻايل مزدورن مون کان 5/6 لک قرض کنيو هو، جيڪو واپس ڪرڻ بدران هنن نجي جيل جو ڊرامو ڪري عدالت ۾ درخواست ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button