اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو. وزيراعظم اٽي جي اگهن ۾ واڌ تي لاڳاپيل وزيرن ۽ وزارتن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم سموري ملڪ ۾ اٽي جي قيمت حڪومتي اعلان موجب ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چوڻ هو ته عوام کي حڪومتي اگهن تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، عوام کي لٽڻ جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم فوڊ سيڪيورٽي ۽ صنعت جي وزارتن کي عملدرآمد رپورٽ فوري طور تي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button