پاڪستانپنجاب

بليغ الرحمان جي پنجاب جي گورنر طور مقرري جي منظوري

اسلام آباد: صدر عارف علويءَ محمد بليغ الرحمان جي پنجاب جي گورنر طور مقرري جي منظور ڏئي ڇڏي. صدر عارف علويءَ آئين جي آرٽيڪل 101(1) تحت بليغ الرحمان جي پنجاب جي گورنر طور منظوري ڏني. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي بليغ الرحمان کي پنجاب جو گورنر بڻائڻ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته صدر وزيراعظم جي پهرين سمري رد ڪري ڇڏي هئي. جنهن بعد وزيراعظم صدر عارف علوي ڏانهن پنجاب جي گورنر جي مقرري لاءِ ٻيهر سمري موڪلي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button