پاڪستانسنڌ

سنڌڙي ۾ فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي اميدوارن جون چونڊ سرگرميون

سنڌڙي: سنڌڙي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن جي حمايت ۾ ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي. ٽائون ڪميٽي هنڱورنو جي 5 وارڊن جي اميدوارن جي حمايت ۾ فنڪشنل مسلم ليگ پاران ڳوٺ حاجي محمد خان شر ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ضلعي صدر مبارڪ مهر، سرفراز جوڻيجو، غالب علي جوڻيجو، جاويد جوڻيجو، حاجي رحيم بخش راڄڙ، حاجي مراد علي راڄڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل 15 سالن جي عرصي ۾ پ پ حڪومت سنڌ کي ترقي ڏيارڻ بدران تباهي جي ڪناري تي پهچايو آھي. سنڌ جي تعليم، صحت، زراعت ۽ بلدياتي نظام تباهه آهن. صحت کاتي پاران غريب عوام کي علاج جون سهولتون فراهم ناهن ڪيون ويون، پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ اگهن ۾ واڌ سان زراعت متاثر ٿي وئي آهي. هنن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button