پاڪستانسنڌ

پ پ وفاق ۾ اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو: زين شاهه

ڪراچي: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آھي ته پيپلزپارٽي وفاق ۾ اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو آهي. سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيھر سخت گرمي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ وفاق جي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو هڪ ٻيو تسلسل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي آبادگارن جي ھڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو اهو رويو سنڌ دشمني آهي، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سان نه رڳو سنڌ جو عوام متاثر ٿيندو پر سندن ترقي ۽ خوشحالي پڻ متاثر ٿيندي.

ملڪ جي خوشحالي جا خوفناڪ اثر پوندا. سنڌ 72 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پاڻي جي کوٽ جي خطري جي گھنٽي وڄي رھي آھي. سنڌ جي عوام کي جائز حقن کان محروم ڪري سندن معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. حڪومت جي ان ظالماڻي ۽ غيرقانوني عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ کي فوري طور پاڻي فراهم ڪري ۽ ارسا چيئرمين کي فوري طور هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس يو پي سخت احتجاج ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button