پاڪستانسنڌ

ذڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان اجتماعي زيادتي جي تصديق، 4 ڄڻا گرفتار

ڪراچي: ملتان کان ڪراچي ايندڙ 26 ڊائون ذڪريا ايڪسپريس ۾ هڪ عورت سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ جاچ شروع ڪندي چئن سيڪيورٽي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته اورنگي ٽائون ڪراچي جي رهواسڻ عورت سان سفر دوران ٽڪيٽ چيڪر سميت 3 جوابدارن زيادتي ڪئي هئي، عورت مظفر ڳڙهه ۾ رهندڙ پنهنجي ساهرن کان ٿي ڪراچي اچي رهي هئي، واقعي ۾ ملوث ٽرين جي عملي خلاف عورت جي درخواست تي ريلوي پوليس سٽي ٿاڻي ڪراچي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آئي آر مطابق متاثر عورت جنهن جا ساهورا مظفر ڳڙهه ۾ آهن، ان جو مڙس ڏيڍ مهينو اڳ ان کي طلاق ڏني هئي، اها پنهنجي ٻارن سان ملڻ 26 مئي تي مظفرڳڙهه پهتي 27 مئي تي واپس ذڪريا ايڪسپريس جي ذريعي ڪراچي لاءِ رواني ٿي، اسٽيشن تي کيس ٽڪيٽ نه ملي ٽرين ۾ اڪانومي ڪلاس جي ٽڪيٽ ٺهرائي سفر شروع ڪيو.

ٽرين جڏهن روهڙي کان رواني ٿي ته نجي شعبي جي ٽڪيٽ چيڪر عورت کي چيو ته هو ان کي اي سي گاڏي جي ڀرت وٺي ڏئي سگهي ٿو ۽ هن انچارج سان کيس ملايو ۽ ان کي اي سي گاڏي جي هڪ ڪمپارٽمينٽ ۾ وٺي ويو، ڪجهه دير کانپوءِ ڪمپارٽمنٽ ۾ آيو ۽ عورت سان هٿ چراند ڪئي، عورت اتان اڪانومي گاڏي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏئي ساڻس زيادتي ڪئي وئي. ايف آئي آر مطابق ان کانپوءِ انچارج اچي ويو ان به زبردستي ڄاڻايل عورت سان جنسي زيادتي ڪئي، ان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻيو شخص ڪمپارٽمينٽ ۾ آيو ان به عورت سان جنسي ڏاڍائي ڪئي، ذريعن مطابق ريلوي پوليس جاچ شروع ڪندي چئن سيڪيورٽي گارڊز کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، چار ئي سيڪيورٽي گارڊ نجي ڪمپني جا ملازم هئا، ٻئي پاسي ريلوي جي وزير خواجه سعد رفيق آئي جي ريلوي کان رپورٽ گهري ورتي آهي، ريلوي وزير سعد رفيق چيو آهي ته ذميوارن جي خلاف سخت قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button