پاڪستانسنڌ

نمرا ڪاظمي ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇوڪري کي شيلٽر هوم موڪلي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نمرا ڪاظمي جي عمر جي تعين لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڇوڪري کي شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دعا زهرا ۽ نمرا ڪاظمي جي بازيابي بابت درخواستن جي ڪالهه شنوائي ٿي، جسٽس اقبال ڪلهورو چيو ته اسان پهريان نمرا ڪاظمي جو ڪيس ٻڌنداسين، عدالت نمرا ڪاظمي کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان پڙهنديون آهيو، جواب ۾ نمرا ڪاظمي ٻڌايو ته مان 10 هين ڪلاس ۾ آهيان، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته اوهان جي عمر پوءِ 18 سالن کان ته گهٽ هوندي، نمرا ڪاظمي جواب ڏنو ته پڙهائي جي ڪري منهنجي عمر گهٽ لکرائي وئي آهي، منهنجي ٽيسٽ ڪرائي وڃي.

جسٽس اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏنا ته سنڌ ۾ قانون آهي 18 سالن کان گهٽ عمر ڇوڪري شادي نٿي ڪري سگهي، عدالت درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇوڪري جي عمر جي حوالي سان ڪي دستاويز آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته اسان اوهان جي ٽيسٽ ڪرائينداسين، شيلٽر هائوس اماڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن اوهان جي عمر 18 سال هوندي ته مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏينداسين، جنهن کان پوءِ عدالت نمرا ڪاظمي کي شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ شنوائي تي ميڊيڪل رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button