پاڪستانپنجابسنڌ

حڪومت آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ سڀ حدون پار ڪري رهي آهي: سراج الحق

لاهور: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جو هر شهري مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ امن امان جي خراب صورتحال کان پريشان آهي. حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ڏيڻ بدران غريبن جي پٺيءَ تي ڌاڙو هڻي رهي آهي. اتحادي حڪومت عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ بجلي بم ڪيرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف جي غلامي ۾ سڀ حدون پار ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي ئي واحد جماعت آهي، جيڪا ملڪ کي حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بونير ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۽ لوئر دير ۾ چونڊيل ڪائونسلرن کي خطاب ڪندي ڪيو. امير جماعت اسلامي سراج الحق عوامي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي جي عوام جي ڀلائي ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن، دين جي پيغام کي گهر گهر پهچ ڪن ۽ جماعت اسلامي جي منشور “ڪر پشن فري آزاد اسلامي پاڪستان ” کي عام ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button