پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ واٽر ڪورس لٽڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو بدين روڊ تي هڏاڇڙ موري تي هڏاڇڙ شاخ جي سوين آبادگارن ڪنڊو سهتو، شاهد سهتو، رمضان ھاليپوٽو ۽ اياز ھاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ اريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي دوران اريگيشن عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن ٻڌايو ته هڏاڇڙ شاخ تي آپريشن ۾ غير قانوني واٽر ڪورسن خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، پر اسان جي جائز واٽر ڪورسن کي اريگيشن ايس ڊي او فياض قمبراڻي لٽائي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون ۽ فصل سڪي رهيا آهن. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته غيرقانوني واٽر ڪورسن خلاف ڪارروائي ڪري قانوني واٽرڪورسن کي کوليو وڃي. جڏهن ته ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button