پاڪستانسنڌ

سن ۾ چورن جي گرفتاري لا ايس يو پي جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو، جوابدار گرفتار

سن: سن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ايس ايڇ او ڇڇر ايٽ سن جي زيادتين خلاف جي ايم سيد پليٽ فارم کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي نائب صدر عنايت شاھاڻي، انور منڱھار، نجم الدين سولنگي، زوھيب سولنگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نجم الدين سولنگي جي زمين تان ٽي مڻ بصر جو ٻج سفاحت علي سولنگي ۽ ٻين چوري ڪيو آهي، جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته ايس ايڇ او ساجد ڳنڀير 50 ھزار گھريا ۽ پوليس موبائيل جي تيل لا پئسا ورتا، پر پوءِ به جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن، جڏهن ته سياسي ونگار وھندي ايس ايڇ او مڇرجي پيو ۽ اسان کي ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو آهي، مھينو اڳ وڏو منشي سڄڻ پنهور موٽر سائيڪل چوري ڪندي پڪرجي پيو ھو، جنھن معافي وٺي جان بچائي ھئي. ٻئي پاسي پوليس احتجاج کان پو شفاعت علي سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button