پاڪستانسنڌ

سنڌ يونيورسٽي ملازمن جا مطالبا منظور نه ٿيا، احتجاج کي 4 مهينا مڪمل

ڄامشورو (ن، سنڌ ايڪسپريس) ڄامشورو ۾ مطالبن جي مڃتا لا سنڌ يونيورسٽي نيشنل سينٽر اينالاٽيڪل آف ڪيمسٽري جي ملازمن کي چار مهينا پورا ٿي ويا، جڏهن ته لائبريري ھال ۾ احتجاجي گڏجاڻي رکي وئي، جنھن ۾ ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازم اڳواڻن غلام اڪبر برفت، شبير سيال، محمد يعقوب نوحاڻي ۽ شلوا چيئرمين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ھي احتجاج يونيورسٽي جي تاريخ جو وڏو احتجاج آھي، جنھن کي چار مھينا مڪمل ٿي ويا آھن، پر اسان جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا آهن، سينٽر جو ڊائريڪٽر بابت پتو پيو آھي ته ھي ٻئي صوبي جي ڊوميسائيل تي ھتي غيرقانوني طور مقرر ٿيل آھي، جنهن کي هٽائي ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button