پاڪستانسنڌ

سنڌ يونيورسٽي جي هڪڙي بس خراب، ٻي جو تيل کٽي ويو

ڄامشورو (ن، سنڌ ايڪسپريس) گذريل ڏينھن حيدرآباد کان ايندڙ سنڌ يونيورسٽي جي هڪ پوائنٽ بس ايريا اسٽيڊي سينٽر وٽ تيل ختم ٿيڻ ڪري بيهي رهي، جڏهن ته ٻي بس ريلوي اسٽيشن وٽ خراب ٿي وئي، جنهن ڪري شاگرد پريشان ٿي ويا ۽ يونيورسٽي نه پهچي سگهيا، جنهن ڪري ڄامشوري جي سڄاڻ ڌرين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انتظاميا جي نااهلي جي ڪري پراڻيون بسون شاگردن کي کڻڻ ۽ ڇڏڻ لا ورتيون ويون آهن، بسن جو خراب ٿيڻ يا تيل کٽي پوڻ معمول بڻيل آهي، جنهن ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته بسن ۾ شيشا به ناهن ۽ پراڻيون بسون هئڻ ڪري حادثا به ٿين ٿا، پر انتظاميا ٺيڪيدارن وٽ يرغمال بڻيل آهي. هنن وڏي وزير ۽ ٻين کان نوٽيس وٺي نيون پوائنٽ بسون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button