
لاهور: ن ليگ نائب صدر مريم نواز اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران زيڪ گولڊ سمٿ لاءِ تعريفي ٽوئيٽ ۽ ٻيون تصويرون پوسٽ ڪري مٿس ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته ڪوڙي خط، ڪوڙي عالمي سازش، قتل جو ڪوڙو ڊرامو فيل ٿيڻ ۽ تاريخ جي سڀ کان ناڪام لانگ مارچ کانپوءِ هاڻ اسرائيل وفد موڪلڻ جو انتشار خان جي هڪ ٻي ٻه نمبري آهي. هن چيو ته فتنا خان سڄي پاڪستان ۾ واحد شخص توهان آهيو، جنهن جو اسرائيل سان سڌي ريت خانداني واسطو آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ مسلمان پاڪستاني جي ڀيٽ ۾ زيڪ گولڊ سمٿ جي چونڊ مهم هلائيندڙ مان توکي وارننگ ڏيان ٿي ته ڪوڙ ڳالهائڻ کان مُڙي وڃ نه ته توکي منهن لڪائڻ جي جاءِ نه ملندي.