پاڪستان

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سرڪاري دوري تي ترڪي پهچي ويو

انقره: پرڏيهي معاملن وارو وزير بلاول ڀٽو زرداري سرڪاري دوري تي ترڪي پهچي ويو آهي. انقره جي گورنر واصب شاهين هوائي اڏي تي گرمجوشي سان سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي پهچي رهيو آهي جتي هو ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ ٻين ترڪ اڳواڻن سان مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button