اسلام آباد :وفاقي حڪومت ڀاڻ جي قيمت ۾ گھٽتائي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو. پڌرائي موجب ڀاڻ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ تي فوري طور عمل ٿيندو ۽ ڀاڻ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ لاءِ ايس آر او جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀاڻ جي 50 ڪلو واري ٻوري جي ريٽيل قيمت 1768 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن کي فوري طور تي 7 جولاءِ 2022 تائين لاڳو ڪيو ويو هو. حڪومت گذريل هفتي ڀاڻ جي سرڪاري سطح تي قيمت مقرر ڪئي هئي ۽ قيمت ۾ 389 رپين تائين گھٽتائي ڪئي وئي هئي. ڀاڻ جي 50 ڪلو واري ٻوري هاڻي پراڻي قيمت تي ئي ملي سگھندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close