اسلام آباد :حڪومت مهانگائيءَ جي ستايل عوام لاءِ اوگرا ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. اوگرا طرفان ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽتائي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ايل پي جي جي في ڪلو قيمت ۾ 13 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. في ڪلو ايل پي جي جي نئين قيمت 218 رپيا 76 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايل پي جي جو 11 ڏهائي 8 ڪلو جو گهريلو سئلينڊر 154 48 پئسا سستو ڪيو ويو آهي ۽ ان جي نئين قيمت 2581 رپيا 35 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. مئي ۾ ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 2735 رپيا 83 پئسا جو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close