پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لا اپا وٺڻ جي هدايت

عمرڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ جي صدارت ھيٺ ضلعي ۾ امڪاني برساتن دوران عوام کي تڪليفن کان بچائڻ لاءِ ھڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن جي عملدارن کي ھدايت ڪئي ته امڪاني برساتن کي منھن ڏيڻ ۽ گذريل برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورا کاتا پنھنجو مڪمل ڪانٽيجينسي پلان تيار ڪري رپورٽ پيش ڪن. ڊي سي آبپاشي کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ اندر ڪٿي به ڪو بند ڪمزور ھجي ته فوري طور ان جي مرمت ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ھن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته امڪاني برساتن دوران سمورن اسپتالن ۾ دوائن، نانگ بلائن جي ويڪسين، ايمبولينس سروس، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته شھرن اندر نالن ۽ برسات جي پاڻي جي گذرگاھن جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ ايمرجنسي کي منھن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي. ھن روڊس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ضلعي جي سمورن روڊن جي ٻنھي پاسن کان کڏن کي بند ڪيو وڃي. اجلاس ۾ پاڪستان رينجرس سنڌ 81 ونگ جي ايس آر چيو ته امڪاني برساتن دوران ضلعي انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اي ڊي سي ون ڪبير محمد شاھه، ڊي ايس پي، ڊي ايڇ اور ڊاڪٽر ارجن ڪمار، اي سيز، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سروپچند مالھي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button