اسلام آبادپاڪستان

حج پاليسي 2022 منظور،في حاجي لا هڪ لک 50 هزار جي سبسڊي

اسلام آباد : مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور چيو آهي ته حڪومت في حاجي هڪ لک 50 هزار رپين جي سبسڊي ڏني آهي. جيڪڏهن پي ٽي آئي حڪومت نه وڃي ها ته حج خرچ 11 لکن تائين هجن ها. حج ۾ دير ۽ خرچن تي سعودي عملدار به پريشان آهن. حاجي سڳورن کي حرم ويجهو ترسائي رهيا آهيون، روڊ ٽو مڪا جي سلسلي ۾ پهرين اڏام 6 جون تي رواني ٿيندي. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتي عبدالشڪور چيو ته هن سال حج جو غيرمعمولي حالتن ۾ اهتمام ٿي رهيو آهي، هلندڙ سال حج جي محدود ڪوٽا جي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته حج هر مرد ۽ عورت جي خواهش آهي. پاڪستان جو حج ڪوٽا 81 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. ٻن سالن جي وقفي کان پوءِ محدود ڪوٽا سان حج جي اجازت ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان جو ڪل ڪوٽا هڪ لک 80 هزار کان گهٽائي 81 هزار 210 ڪيو ويو. هن چيو ته حج ڪوٽا ڪرونا سبب گهٽ ٿيو آهي. حج ۾ دير ۽ خرچن تي سعودي عملدار به پريشان آهن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا کان منظوري کان پوءِ حج پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. مهانگو حج پيڪيج اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. مفتي عبدالشڪور چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ لازمي خرچ 52 سيڪڙو آهن. جڏهن ته هوائي ڀاڙو 21 سيڪڙو ۽ ٻيا خرچ 27 سيڪڙو آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ۽ وفاقي وزيرن جون مهربانيون، انهن مڪمل تعاون ڪيو. هن ٻڌايو ته هڪ لک 50 هزار رپين جي سبسڊي في حاجي کي ڏني وئي آهي، جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button