پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ مهانگائي جو جن بي قابو، کاڄرو تيل، اٽي، کير ۽ گوشت جي اگهن ۾ واڌ

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ واپاري ۽ دڪاندار ضلعي انتظاميه کان ڏاڍا ٿي ويا آهن. روزه مرهه جي کاڌي پيتي جي شين جا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. کاڄرو تيل ساڍا 5 سئو روپيا ڪلو، اٽو 82 روپيا ڪلو، کير 140 روپيا في ڪلو، ڪڪڙ جو گوشت 500 روپيا ڪلو وڪرو. انتظاميه نوٽيس نه ورتو. خبر موجب حيدرآباد ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. روزمره جي کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن. ڊي سي آفيس مان جاري ٿيندڙ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي رڳو مصالن، دال، چانور، اٽو ۽ کير جي سرڪاري اگهه جي لسٽ جاري ڪندي آهي. جنهن تي پڻ عمل نه ٿي رهيو آهي. حيدرآباد جي ٽاور مارڪيٽ، اناج مارڪيٽ ۽ ٻين هنڌن تي قائم هول سيل جي واپارين ۽ دڪاندارن کاڄرو تيل، چانور، اٽو، مصالن، گوشت، کير سميت هر شئي جا هٿرادو طور اگهه وڌائي ڇڏيا آهن.

حيدرآباد ۾ هن وقت 10 ڪلو جي اٽي ٿهيلو 800 روپيا، کير 140 روپيا ڪلو، مرغي جو گوشت 500 روپيا ڪلو ۽ کاڄرو تيل ساڍا 5 سئو روپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڊي سي حيدرآباد جي حڪم تي قاسم آباد، سٽي ۽ ٻين هنڌن تي اي سيز ۽ مختيارڪارن ڊيرين، مارٽ، جنرل اسٽور، بيڪرين ۽ ٻين هنڌن تي دورا ڪري لسٽون چڪاس ڪيون. دڪاندارن کي پابند بڻايو ته سرڪاري طور جاري ڪيل لسٽ تي گراهڪن کي سامان ڏنو وڃي. ٻي صورت ۾ دڪان سيل ڪيا ويندا. دڪاندارن انتظاميه کي چيو ته اسان کي واپاري مهانگي اگهه تي سامان ڏئي رهيا آهن، اسان کي سزائون ڏيڻ سان گڏ واپارين ۽ هول سيل جي مارڪيٽ تي به ڏنڊ هنيو وڃي. پورهيتن ٻڌايو ته هن وقت اٽو 82 روپيا ڪلو ٿي ويو آهي. اٽو وٺڻ کان به قاصر آهيون، مهانگائي ٿيڻ باوجود اسان جي ڏهاڙي نه وڌي آهي. حڪومت ۽ انتظاميه مهانگائي تي ضابطو آڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button